اسلام آباد (م ڊ) پنجاب حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب صوبي جي 25 ضلعن ۾ ڪاليج بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پنجاب حڪومت 25 ضلعن ۾ سمورا ڪاليج بند ڪرڻ جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا پکيڙ وارن ضلعن ۾ ڪاليج فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ شرح وارن ضلعن ۾ انٽرميڊئيٽ ڪاليج کولڻ جو حڪم به واپس ورتو ويو آهي. پڌرائيءَ موجب راولپنڊي، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، رحيم يار خان، ڊي جي خان، بهاولپور، شيخوپورا، ساهيوال، سيالڪوٽ، سرگوڌي، ملتان، اوڪاڙا، جهنگ، خانيوال، قصور، بهاولنگر، چڪوال، ڀڪر، فيض آباد، گوجرانوالا، خوشاب، لوڌران، منڊي بهاءُ الدين، پاڪ پتن ۾ ڪاليج بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ سڀني يونيورسٽين کي ايڇ اي سي جي حڪمن موجب تعليمي سرگرميون جاري رکڻ ۽ ڪاليج ايندڙ حڪم تائين بند رکڻ جو چيو ويو آهي.