پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي حڪومت نائين کان ٻارهين ڪلاس جي  تعليمي ادارن کي عيد تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه جي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ وارن ضلعن ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاسن تائين تعليمي ادارن کي هڪ هفتي  کان پوءِ ٻيهر عيد تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي حڪومت اين سي او سي جي فيصلن جي روشني ۾ 19 اپريل تي صوبي جي 21 ڪورونا متاثر  ضلعن ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين  تعليمي ادارن کي کوليو هو، پر گذريل ڏينهن جي اين سي او سي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ هاڻ ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نوٽيفڪيشن ۾ سومر 26 اپريل کان عيد تائين نائين کان ٻارهين تائين جا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وفاقي تعليم واري وزارت  سڄي ملڪ ۾ پهرين کان نائين ڪلاس جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته 9 کان 12 ڪلاس تائين سمورا تعليمي ادارا سخت ڪورونا ايس او پيز سان گڏ کولڻ جي اجازت ڏني هئي.