لاڙڪاڻو: شاهنواز ڀٽو کان شاهنواز ڏاهاڻي تائين

0
1002

سنڌي ٻولي جون هونئن ته ڪيئي سدا بهار خوبيون آهن پر، سنڌي ٻولي جون جيڪي چوڻيون آهن اهي به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اسان جون اهي چوڻيون قائم به انهيءَ ڪري آهن جو انهن جو واهپو اڄ به عام ته ڇا پر، خاص ماڻهو به وڏي شد ۽ مد سان ڪري ٿو. هنن چوڻين جو چوٻول اسان جي سماجي، انفرادي گڏجاڻين ۾ ته ٿئي ٿو پر، عام حالتن ۾ به هنن کي اهي ماڻهو اڃان به وڌيڪ استعمال ڪن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ڪاروبار سان واڳيل آهن، شايد اهوئي سبب آهي جو هي چوڻيون پنهنجي خصوصي واقعاتي پسمنظر جي اهميت جي لحاظ کان نه صرف استعمال ۾ آنديون وڃن ٿيون پر، هنن ۾ هڪ “سيکت” به سمايل آهي ۽ ان سان گڏ هڪ سهڻو پيغام ۽ اميد به ڏسيندڙ آهن. هنن سوين چوڻين ۾، ٻه اهڙيون خاص چوڻيون به آهن جيڪي اسان جي معاشي حالت ڏانهن اشارو ڪري اسان کي پنهنجي خواهش تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪرڻ سان گڏ خبردار به ڪن ٿيون ته اٿي ڪماءِ پٽ نه ته گهمڻ ڦرڻ جهڙو به نه رهندين.
اهي چوڻيون آهن: هڪ “هجئه ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو” ۽ ٻي آهي “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو.” هي ٻئي اهڙيون چوڻيون آهن جيڪي اسان کي لاڙڪاڻي شهر جي سڪار ۽ خوشحالي جي باري ۾ ٻڌائين ٿيون. هي ٻڌائين ٿيون ته لاڙڪاڻو اهڙو ته سهڻو ۽ من مهڻو شهر هو جو جيڪڏهن پئسه ڏوڪڙ هٿ اچنوَ ته يار لاڙڪاڻو ضرور گهمي اچو ڇاڪاڻ جو لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو شهر آهي. لاڙڪاڻي جي سک، شانت، سونهن ۽ ڇِڪ جي باري ۾ هي چوڻيون شايد پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو آڳاٽيون آهن جيڪي اسان کي هي ٻڌائين ٿيون ته هي شهر پنهنجي خمير جي حساب سان ايڏو ته سکيو ستابو هو جو دل گهريا فرد جڏهن به گڏجي ويهي ڪچهريون ڪندا هئا ته لاڙڪاڻي جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا هئا. لاڙڪاڻي کي گهمڻ واريون هنن جون خواهشون حسرتن ۾ بدلجي وينديون هيون ۽ ڪارڻ اهوئي هوندو هو ته هجي ناڻو ته گهمون لاڙڪاڻو ڇوته پئسي کان بغير ساهه سيباڻا ماڻهو ته پرچي سگهجن ٿا پر ساهه سيباڻا ماڳ گهمي نٿا سگهجن.
اهڙي طرح ڪوبه سکيو ماڻهو جڏهن لاڙڪاڻي جو چڪر هڻي ايندو هو ته عام ماڻهو هن جي واتان شهر جي باري ۾ واهه واهه ٻڌي جڏهن گهر واپس وڃي پنهنجي ٻارن سان ساڳي ڳالهه جو ورجاءُ ڪندو هو ته جواب ۾ ٻار چوندا هئا ته جيڪس هنن کي لاڙڪاڻو گهمايو وڃي ته ڪيڏو نه سٺو ٿي پئي پر، ستت ئي هنن کي چيو ويندو هو پٽ سيباڻو شهر ته آهي پر ڪمايو ناڻو ته پوءِ ڀلي گهمي اچو لاڙڪاڻو. ساڳي طرح سان لاڙڪاڻي جو هڪ حوالو خانبهادر سر شاهنواز ڀٽو جنهن جي پيدائش آهي ته ڳڙهي خدابخش جي پر، لاڙڪاڻي ۾ سندس سياسي، سماجي اٿڻي ويهڻي تمام گهڻي هجڻ ڪري هو هن شهر جي اهم سڃاڻپ بڻيل رهيو.
خان بهادر سر شاهنواز ڀٽو (8 مارچ 1888 – 19 نومبر 1957) هڪ خانداني زميندار هجڻ سان گڏ هڪ سياستدان به هو. ٿوري گهڻي ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ وٺي پوءِ سنڌ مدرسي، ڪراچي ۽ سينٽ پيٽرڪ’ز هائي اسڪول ڪراچي ۾ ورتي. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي وفات کانپوءِ پنهنجي زمينن جي سار سنڀال ۾ لڳي ويو. زميندار هجڻ ناتي هن جا لاڳاپا وڏن وڏن ماڻهن سان گڏ سنڌ جي ٻين نوابن سان به رهيا پر، هن ۾ ٻين نوابن کان هٽي ڪري هڪ ٻي خوبي هي به هئي ته هي سياسي، سرڪاري ماڻهن سان دوستي رکڻ ۾ اڳيان اڳيان رهندو هو. اهڙي طرح هن ٻاويهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتو. 1910ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيڻ کان وٺي 1948ع تائين سياست ۽ رياست جي مختلف فورمن ۽ عهدن تي نمائندگي ڪرڻ سان گڏ جهونا ڳڙهه جو ديوان (وزيراعظم جي حيثيت جي برابر) رهڻ تائين سندس جي سياسي، سماجي برتري ته هن شخص جو خاصو رهي پر، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ۽ سکر بئراج جي اڏاوت ۾ به سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. مٿين سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ۽ سڀ کان وڏو حوالو هن جو ذوالفقار علي ڀٽي جو پيءُ هجڻ آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو حوالو آهي لاڙڪاڻو، جيڪو آهي ته سڀني ڀٽن جو اباڻو ضلعو پر، لاڙڪاڻو جيڪڏهن جڳ جهان ۾ مشهور ٿيو ته اهو آهي ذوالفقار علي ڀٽو. ذوالفقار علي ڀٽي تي لکڻ جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ جو، نه هو ڪنهن تعارف جو محتاج آهي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جو شايد ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ڀٽي صاحب جي باري ۾ ڄاڻ نه رکندو هوندو. سندس پرڪشش شخصيت عوام تي سحر ته طاري ڪري ڇڏيو هو پر خواص به هن سان ملڻ، گڏ ڪم ڪرڻ ۽ هن خلاف سازشون ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا. سو انهن اهي ٽئي ڪم ڪري، صرف هن کي يا هن جي عوامي سياست کي ختم نه ڪيو پر، حقيقت هي آهي ته انهن ماڻهن پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.
گذريل ڪجهه مهينن کان لاڙڪاڻي جو هڪ نئون حوالو به اسان ۽ توهان جي سوچن تي سوار آهي. ان حوالي جو تعلق نه علم ۽ادب سان آهي نه سياست ۽ رياست سان پيچ اپ اٿس، نه وري سماجي، مذهبي يا معاشي ميدان ۾ ڪو نالو ڪمايل اٿس. هڪ مشهور سِٽِ، “اٿ….سندرو ٻڌ، ڊڄين ڇوٿو، پوءِ ڏس خدا ڪري ڇاٿو.” سو هي حوالو آهي هڪ ڪامل يقين جو، پختي ارادي جو ۽ محنت، لڳن، ڪوشش، ۽ اميدن جي تسلسل جو، سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏي مقصد کي ماڻڻ جو ۽ هنن سڀني ڳالهين جو واسطو ان هڪ ڇوڪري سان آهي جنهن پنهنجي ڳوٺ ۾، ٽيپ بال سان 10 سالن جي عمر ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي شروعات ڪئي جڏهن ته هن جو مرحوم پيءُ هن کي هڪ ڪامياب سرڪاري آفيسر ڏسڻ چاهي پيو. هن پڙهائي به ڪئي ۽ بي ڪام جي سند ورتي پر ڪرڪيٽ هن جو خواب نه پر ديوانگي بڻجي وئي هئي ۽ ان ديوانگي هن کي ملڪ جو هڪ شاندار ڪرڪيٽر بڻائي ڇڏيو آهي.
ملڪ جو بهترين ڪرڪيٽر ٿيڻ جي شوق ۾ هارڊ بال سان کيڏڻ جو هن جو تجربو ۽ قصو به منفرد ۽ هڪ روايتي ڪهاڻين وانگر آهي. لاڙڪاڻو ريجن جي ڪرڪيٽ سان واڳيل شخص جيڪو هن جي پيءُ جو گهاٽو ۽ اعتبار وارو سنگتي هو ان هڪ ڏينهن ڳوٺ جو دورو ڪيو ته ڇوڪرن ان جي شان ۾ هڪ ڪرڪيٽ ميچ جو بندوبست ڪيو. هر ڪنهن جو زور ان شخص کي متاثر ڪرڻ تي هو. هن جي پيءُ به هن جي ڪرڪيٽ جي چوس کي سامهون رکي چيو ته پٽ اڄ توکي ثابت ڪرڻو آهي ته تون واقعي سٺو کيڏاري آهين. هن بال پڪڙيو، پنهنجي پوري سگهه سان جيترو تيز ڊوڙي سگهي پيو ڊوڙيو ، بائولنگ ڪئي ته ان شخص جون وايون بتال ٿي ويون. اهو شخص هن جي بائولنگ مهارتن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن کي دعوت ڏني ته هو لاڙڪاڻو ريجن جي ڪرڪيٽ ٽيم سان جڙي. جڏهن هو ڳوٺ کان لاڙڪاڻي آيو ته هن پنهنجي هڪ دوست کان بوٽ ۽ جوراب به اڌارا ورتا. ٽرائل بعد هن کي لاڙڪاڻو ريجن انڊر 19 ٽيم جو حصو بڻايو ويو ۽ 2016-17 ۾ هڪ مئچ ۾ ساندهه 9 وڪيٽ وٺي هارڊ بال واري ڪرڪيٽ جي ميدان تي مستقل طور تي پير رکيو.
2019ع تائين هن نوجوان ريجنل ليول جي ڪرڪيٽ کي وقت ڏنو ۽ محسوس ڪيو ته هو هاڻي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لائق آهي پر صلاح ملي ته هن کي هڪ ٻن سالن تائين اڃان گريڊ – 2 ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي جنهن جي ڪري هو پنهنجي ڪرڪيٽ واري مستقل جي باري ۾ ڪجهه پريشان به ٿيو پر، همت نه هاري. لاڙڪاڻي ريجن پاران 2018 – 19 ۾ قائداعظم ٽرافي ۾ حصو ورتو ۽ ٽن ميچن ۾ 9 وڪيٽون حاصل ڪري خوب داد حاصل ڪيو. گريڊ – 2 جي ڪرڪيٽ کيڏڻ دوران هن کي معلوم ٿيو ته مقامي سطح تي تمام وڏي مقابلن واري ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏبي آهي. هن فارميٽ، هن ۾ اعتماد آندو. هو هاڻي ڪنهن به سطح واري ڪرڪيٽ کيڏي سگهي ٿو. 2019 – 20 ۾ نيشنل ٽي20 جي هڪ نئين ڍانچي سان سنڌ جي ٽيم ۾ هن کي هڪ وائيٽ بال اسپيشلسٽ جي طور تي کنيو ويو ۽ ٻن مئچن ۾ صرف 3 وڪيٽون وتيون. مايوس ٿيو ته شايد هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهي پر قسمت هن تي مهربان رهي. ڪجهه پاڪستاني ڪرڪيٽرز بين القوامي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ مشغول رهيا ته هن کي سنڌ اليون ٽيم جو حصو بڻايو ويو ۽ ڏکڻ پنجاب جي مخالف کيڏندي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
2020 – 21 جي سيزن جو سال هن جي لاءِ تمام گهڻو سٺو ثابت ٿيو. نيشنل ٽي20 ۾، سنڌ سيڪنڊ اليون پاران کيڏندي چئن مئچن ۾ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون. بعد ۾ قائداعظم ٽرافي ۾، سنڌ سيڪنڊ اليون پاران حصو وٺندي پنجن مئچن ۾ 17 وڪيٽون حاصل ڪيون. ساڳي سيزن ۾ هن جو سڀ کان اتاهون اعزاز، رائونڊ فور کان فرسٽ اليون ڏانهن سفر بڻيو جتي هن 7 مئچن ۾ 26 وڪيٽون وٺي پاڻ کي ڪرڪيٽ جي دنيا جو بيسٽ فاسٽ بائولر طور مڃرائي ڇڏيو. ڪرڪيٽ جي مختلف فارميٽس ۾کيڏندي ۽ پنهنجي تجربي ۽ مهارتن ۾ اضافو آڻيندي آخرڪار فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي ميدان تي به پهچي ويو. ثابت ڪيو ته جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته سڀ اڳيان اچي سگهي ٿو. پاڪستان سپر ليگ جي ڇهن ٽيمن مان هڪ ٽيم، ملتان سلطان جو حصو ٿي پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن ۾، 20 وڪيٽن جي مجموعي ليکي سان ٽاپ بائولر جو اعزاز ماڻي پنهنجي جوهرن جو خوب مظاهرو ڪيو ۽ نالو ڪمايو. اهڙي طرح سان اڄ هو پاڪستاني ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ چمڪندڙ ستاري واري پوزيشن ۾ اچي ويو آهي. نوزيلينڊ جي اڳوڻي فاسٽ بائولر شين بونڊ کي پنهنجو رول ماڊل ڄاڻائيندڙ هي نوجوان سنڌ جي ٻهراڙي مان هجڻ تي ناز ڪري ٿو ۽ خواهش رکي ٿو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هو پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري.