اسلام ڪوٽ: نوجوان ناري کوهه ۾ مبينا ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

0
324

اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ علو ڪوٽڙيو ۾ 22 ورهين جي نوجوان ناري کوهه ۾ مبينا ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، شادي شده ناري ڏيا زال اشوڪ ميگهواڙ گهرن ڀرسان پاڻي جي کوھ ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪئي، ناري جي هڪ سال اڳ علو ڪوٽڙيو واسي نوجوان اشوڪ ميگهواڙ سان شادي ٿي هئي، ٿرپاڪر ضلعي اندر اڄوڪي ڏينهن ۾ خودڪشي واقعن جو انگ 3 ٿي ويو ، اسلام ڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي خودڪشي واقعي جي اطلاع بعد سرزمين ڏانهن وڃون پيا، واقعي واري هنڌ پهچڻ کانپوءِ خودڪشي جو سبب معلوم ٿي سگهندو.