قبيلائي تڪرار ۽ شڪارپور جو جڙيل خطرناڪ تعارف

0
255
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهرچڪ مان لکي ٿو

شڪارپور اهو ضلعو آهي جتي انتظامي اپاهچيءَ جو درد ناڪ “تماشو” بنا ڪنهن ٽڪيٽ جي هر مند ۽ موسم ۾ ڏسي سگهجي ٿو،.شڪارپور جتي مختصر ماٺار کانپوءِ قبيلائي تڪرارن ۾اوچتو ۽ پراسرار شدت اچي وئي آهي. “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل انگ اکرن موجب هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران شڪارپور ضلعي جي ٽن تعلقن لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين ۽ خانپور جي رستم، چڪ، ڀچل ڀيو، مدئجي، ڊکڻ، مرزانپور ٿاڻن جي حدن اندر هلندڙ 17 مختلف برادري تڪرارن ۾ 6 معصوم ٻارن 9 عورتن سميت 49 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن. ان صورتحال ۾ نه صرف ضلعي انتظاميا پر سنڌ جي مسند نشينن کي ان ڳالهه سان ڪو غرض ڪونهي ته شڪارپور ضلعي چوڌاري شخصي گروهي ۽ قبيلائي تڪرارن جي ڪري روز ڪيترا جنازا کڄن ٿا. شڪارپور جي خاص طور ٽن تعلقن جا ذڪر ڪيل علائقا جتي بدامني انتظامي مسئلو ته آهي ئي آهي پر ان جا سبب ڪنهن حد تائين سياسي سماجي ۽ معاشي به آهن. ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته جڏهن ماڻهن جو انتظامي ادارن تان اعتماد کڄي ويندو آهي ته اهي بدلي جي باهه ۾ هٿيار کڻي پاڻ مرادو کڻي فيصلا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. هن وقت اتر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪارپور ضلعي ۾ بندوق ۽ گوليءَ جي ٻولي رائج ٿيل آهي جهيڙيندڙ ڌريون گوليءَ جي اها ٻولي سمجهن به ٿيون ۽ هڪٻئي کي موٽ به ڏين ٿيون پر جي “امن پسند” آهي ته اهو اتان جو “قانون” آهي جيڪو لڳ ڀڳ هر معاملي کان ڄڻ ته لاتعلق بڻيل آهي. ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيل خبر موجب شڪارپور ضلعي جي رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادريءَ جي ٽن ڌرين ڪمالاڻي-عطراڻي ۽ سعدخاناڻين وچ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ عطراڻي پاڙي جا 2 ماڻهو جمشير ۽ ضمير عطراڻي مارجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ٽنهي ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سبب 6 مهينن دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي، جنهن ۾هڪ معصوم ٻارڙو ۽ 3 عورتون به گولين جي بک بڻيون آهن. شڪارپور ضلعي جي چڪ ۽ بچل ڀيو ٿاڻن جي حدن ۾ هلندڙ پراڻو جتوئي-جاگيراڻي تڪرار ان وڌيڪ وچڙي خراب ٿي ويو آهي جڏهن جاگيراڻي برادريءَ جي هٿياربندن چڪ شهر جي مک بازار ۾ جتوئي برادريءَ جي قادراڻي پاڙي جو نوجوان سمجهي جتوئي ذات جي مصراڻي پاڙي جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. 2011ع کان شروع ٿيل ان تڪرار سبب هن وقت تائين هڪ ٻارڙيءَ سميت مجموعي طور ٻنهي ڌرين جا 30 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن نه صرف ايترو پر شڪارپور ضلعي اندر جتوئي-جعفري، خروس-اوڍن سميت ڪيترائي قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن ۽ اهي سڀ قبيلائي جهيڙا دراصل انصاف جي سرشتي تي عوام جي عدم اعتماد جو اظهار آهن. شڪارپور ضلعي اندر هلندڙ خوني جهيڙن جو اصل سبب معلوم ڪبو ته خبر پوندي ته انهن جهيڙن جو اصل ريموٽ ڪنٽرول ڪنهن ٻئي هنڌ تي آهي ڇو ته شڪارپور ۾ ماضيءَ جي  مهر-جتوئي، مارفاڻي-قمبراڻي تڪرارن جا ڪيترائي پراسرار پهلو موجود آهن جنهن رخ تي اسانجي حڪمرانن سنجيدگيءَ سان ڪڏهن غور ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. جهيڙيندڙ ڌرين وارن علائقن ۾ زندگي مفلوج بڻيل آهي زندگيءَ جو ڪارونهوار ٺپ آهي بدلي جي باهه ۾ ماڻهو ٻنيون ٻارا وڪڻي ڳرا هٿيار وٺڻ تي مجبور آهن ۽ وڌندڙ رتوڇاڻ سبب هٿيار وڪڻندڙ توڙي ورتل هٿيار پڄائيندڙ مافيائن جا وارا نيارا ٿي پيا آهن ۽ ان صورتحال ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته هٿيارن جي فراهمي به انهن ئي رستن کان ٿئي ٿي جتي قانون جي چوڪس هجڻ جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون. بنيادي سوال اهو به آهي ته اهي خطرناڪ هٿيار انهن ماڻهن وٽ ڪيئن پهچن ٿا؟ ان سوال تي ڪڏهن قانون جي رکوالن غور ڪيو آهي يا وڙهندڙ ڌرين کي هٿيار پهچائيندڙن جي پراسراريت واري پهلو جو پيرو کنيو آهي؟ اهي ئي سوال آهن جن جي صحيح جواب مان ئي شڪارپور سميت اتر سنڌ ۾ بدامنيءَ جي بيماريءَ جو علاج ڳولي سگهجي ٿو. قبيلائي جهيڙن سبب نه صرف ڪاروبار متاثر ٿيا آهن پر زراعت تباهه زمينون غيرآباد هجڻ سبب شڪارپور ضلعي جي ٻهراڙين ۾ غربت ۾ تيزي سان اواڌارو ٿي رهيو آهي. اسڪول بند آهن جنهن ڪري سوين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچجي ته اهي سڀ ڳالهيون آخر ڪنهن جي مفاد ۾ آهن؟
ان سموري معاملي ۾ جتي سرڪار جي ڪن لاٽار شامل آهي اتي برادرين جي سردارن توڙي چڱن مڙسن ۽ نام نهاد علائقائي وڏيرن جي مجرماڻي ماٺ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته قديم سنڌ جو “وڏيرو” جنهن کي نه صرف امن جي علامت ۽ سنڌ جو ثقافتي ڪردار پر وڏ-ماڻهپي سبب “وڏيرو” چئبو هو جيڪو جهيڙا ٽاريندو هو برادرين ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍين وڇوٽين کي وڏن جهيڙن ۾ تبديل ٿيڻ کان پهريان صُلح ڪرائي جهيڙا ٽاريندو هو پر هاڻوڪن “وڏيرن” ۾ اهي ڳالهيون خوردبين ۾ ڏسڻ باوجود نٿيون ملن ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي شڪارپور ضلعي اندر قبيلائي تڪرارن ۾ ان وڏيري جي مفادن جو پاند ضرور پسيل آهي.
سنڌ جي اختيارين کي عرض آهي ته سمورين مصلحتن کي هڪ پاسي رکي شڪارپور جي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنجيده اپاءُ وٺي شڪارپور جي متاثر علائقن ۾ قانون جي رٽ قائم ڪري انتظامي فرض پورو ڪرڻ سان گڏ قبيلائي جهيڙن کي وڌائي ان مان فائدو حاصل ڪندڙ ننڍي کان وڏي وڏيري تائين جهيڙيندڙ ڌرين کي هٿيار پهچائيندڙن جا سمورا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو ۽ جهيڙيندڙ ڌرين تائين هٿيارن جي رسد کي نه روڪيو ويندو تيستائين شڪارپور ضلعي جو سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ سبب مرندڙ ماڻهن سبب جڙيل خطرناڪ تعارف تبديل ٿي نه سگهندو.