ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار آخر ڪار عدالتي حڪم تي عمل ڪندي تعليمي ماهر نسيم احمد ميمڻ کي لاڙڪاڻي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اهڙو نوٽيفڪيشن ملڻ ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز ۽ ڊائريڪٽر ليگل مدثر علي جي غيرمشروط معافي بعد توهين عدالت جي درخواست اڪلائي ڇڏي. ڪالهه جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ عدالتي حڪم باوجود نسيم احمد ميمڻ کي چيئرمين مقرر نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران قاضي شاهد پرويز ۽ ڊائريڪٽر ليگل مدثر علي پيش ٿي جواب جمع ڪرايو، هنن نسيم احمد ميمڻ جي لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين طور مقرري بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو. قاضي شاهد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته نسيم احمد ميمڻ کي 29 جون کان چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، نسيم ميمڻ کي چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل هو، سنڌ ڪابينا کان نسيم ميمڻ جي مقرري واري سمري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪرائي وئي آهي، توهين عدالت جي شوڪاز نوٽيس تي قاضي شاهد پرويز ۽ ڊائريڪٽر ليگل مدثر علي عدالت کان غير مشروط معافي گهري، جنهن تي عدالت توهين عدالت جي درخواست اڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 13 اپريل 2021ع تي 20 ڏينهن اندر نسيم ميمڻ جي چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .