بجيٽ جي منظوري، ميمبرن جو رويو ۽ عوام جو ڪردار

0
193

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ پارليامينٽ مان منظور ڪرائي ورتي، بجٽ سيشن ۾ ڇا ٿيو، ايم اين ايز جو ڇا ڪردار رهيو، ڪنهن بجيٽ دستاويزن جو جائزو وٺي انهن دستاويزن مان حڪومتي انگ اکرن بابت ايوان ۾ ڳالهايو ۽ ميمبرن پنهجن تقريرن ۾ پارٽي جي سربراهن جي جيڪا ساراھه ڪئي ان جو ذڪر پنھنجي گذريل آرٽيڪلز ۾ ڪري چڪو آهيان.
اڄ مان ان اجلاس ۾ خاص طور سپيڪر جي رويي جي ڳالھه ڪندس. بجيٽ سيشن ۾ اسپيڪر جي رويي جي ڳالھه ڪجي ۽ ان کي هڪ طرفو قرار ڏجي ته غلط نه ٿيندو، اسپيڪر اسد قيصر يارنهن جون کان شروع ٿيندڙ بجيٽ اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ڪجهه گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري جتي پنهجي جانبداري ظاهر ڪئي اتي اهو به ظاهر ڪيو ته هن کي آئين تي عمل ڪرڻ نٿو اچي يا وري شايد اهو علم ناهي ته ملڪ ۾ آئين سپريم آهي ان تي عمل ڪرڻ جو هن قسم کنيو آهي، پر افسوس کان سواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهجي ته اسپيڪر گڏيل مخالف ڌر جي ميمبرن جا پرودڪشن آرڊر جاري نه ڪيا سندس اهڙي عمل تي اسپيڪر جي خلاف مختلف رايا سامهون آيا ته کيس آئين جو علم ناهي، سندس واڳون اسٽيبلشمينٽ وارن وٽ آهن اهي کيس هلائڻ لاءِ هدايتون به جاري ڪن ٿا. اهڙي طرح ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جو رويو به ساڳيو رهيو. جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر آئين تي عمل ڪرڻ جو قسم کنيو آهي ان تي عمل نه ڪري اهي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. بحر حال اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رويي سبب پيپلز پارٽي جي اسير اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي ان درخواست تي ھائيڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو جاري ڪيو .
چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي لکت واري حڪم ۾ واضح ڪيو ته عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيل ميمبرن کي بجيٽ سيشن ۾ شرڪت کان روڪڻ آئين جي خلاف ورزي ۽ ان تڪ جي عوام کي انهن جي نمائندگي واري عمل کان محروم ڪرڻ قرار آهي. فيصلي ۾ چيف جسٽس واضح ڪيو ته اسپيڪر وٽ اهي اختيار آهن ته هو جيل ۾ قيد ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته عدالت اميد ڪري ٿي ته اسپيڪر پنهنجي اختيارن جو استعمال ڪري ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندو. عدالت جي اهڙي فيصلي اچڻ کانپوءِ اسپيڪر نه صرف سيد خورشيد شاهه جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا پر ان سان گڏوگڏ پي ٽي ايم جي قيد ايم اين اي علي وزير جا به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا جنهن کانپوءِ سيد خورشيد شاهه ۽ علي وزير بجيٽ سيشن جي آخري ڏينهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ جيڪا تقرير سيد خورشيد شاهه ڪئي ان جي ڳالھه ڪجي ته اها لڳي پئي ته ڪنهن منجهيل سياست دان جي تقرير هئي. سيد خورشيد شاھه پنهنجي تقرير جي شروعات ڪندي چيو ته افسوس آهي جو مان پنهنجي تڪ جي عوام جي بجيٽ سيشن ۾ نمائندگي نه ڪري سگهيس. ڪوشش ڪندس ته بجيٽ تي ڳالهايان ،جيڪي ڪجهه مونسان ٿيو انهن تلخين تي نه ڳالهائيندس. هن حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ ٽي ناڻي وارا وزير تبديل ڪيا. اسانکي اميد هئي ته ناڻي وارو وزير ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪندو پر ايئن ناهي ٿيو، اسان عوم جي چونڊيل نمائندن جي اها سوچ هوندي آهي ته ان جي تڪ جي غريب عوام جي پيٽ ۾ ڇا ماني جو گرھه وڃي ٿو يا نه، عوام جي خوشحالي ملڪ جي بهتر معيشت جي نشاني هوندي آهي. هن ايوان ۾ ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏنيون ويو، گاريون ڏيندڙ ميمبرن هن ايوان جي عزت کي نقصان پهچايو ،
گاريون ڏيندڙ ميمبرن کي اهو سوچڻ گهرجي ته هي پارليامينٽ آهي ته ملڪ رهندو. هن حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪري ناهي سگهيو. ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي ان تي سوچڻ گهرجي. پشتون تحفظ موومينٽ جي ايم اين اي علي وزير تقرير ڪندي چيو ته ملڪ جي موجوده رياست ۾ غريب بي وس ٿي چڪو آهي. اسان فاٽا وارن سان جيڪي وعدا ڪيا ويا اهي پورا نه ڪيا ويا آهن. هن حڪومت جو جنازو قبر تائين ٽن ناڻي وارن وزيرن آندو آهي.
بجيٽ پاس ڪرڻ واري آخري ڏينهن فنانس بل پيش ڪرڻ وقت حڪومتي ڌر کي ڪجهه دير لاءِ ان وقت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو جڏهن ناڻي واري وزير شوڪت ترين فنانس بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، ٺيڪ ان وقت حڪومتي ڌر جي ميمبرن بل پيش ڪرڻ جي وقت وڏي واڪي آواز نه ڏنو جڏهن ته ان جي خلاف اپوزيشن جي طرف کان بل پيش نه ڪرڻ لاءِ وڏي واڪي آواز ڪڍيو ويو ، جنهن تي پريشان ٿي ڊپٽي اسپيڪر ٻيهر ڳڻپ جو رولنگ ڏني. ان دوران اسپيڪر جي ڪرسي تي اسپيڪر براجمان ٿيو ۽ ايوان ۾ وزير اعظم اچي پهتو، ان کان پوءِ ڳڻپ ۾ حڪومتي انگ گهڻو نڪتو ۽ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين فنانس بل پيش ڪيو، جنهن جي شق وار منظوري ورتي وئي.
ان کان پهريان ايوان ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جا چيف وهپ پنهنجا پنهنجا ميمبر ايوان ۾ پورو ڪرڻ لاءِ ڪلاس مانيٽر جو ڪم ڪندا رهيا، جڏهن ته فنانس بل جي شق وار منظوري وقت وزيراعظم عمران خان تسبيح پڙهندو رهيو .پڙهي ته الائي ڇا رهيو هو ان جو جواب وزير اعظم ئي ڏئي سگهي ٿو پر جنهن تيزي سان تسبيح جا داڻا وزير اعظم گهمائي رهيو هو ان مان ظاهر ٿيو پئي هو رب کي ٻاڏائي رهيو هو. هن ڀيري ڪاروباري شخصيت شوڪت ترين جنهن کي ناڻي وارو وفاقي وزير بڻايو ويو آهي ان جي آخري ڏينهن واري تقرير ڏسڻ جهڙي ھئي،
شوڪت ترين فنانس بل اسيمبلي جي فلور تي پيش ڪرڻ کان اڳ جيڪا تقرير ڪئي ان ۾ هن اها دعوا ڪئي ته موجوده حڪومت جي هن بجيٽ ۾ غريب عوام کي جيڪو فائدو ڏنو ويو آهي ان سان هن ملڪ تي ٻه ٻه ڀيرا حڪومت ڪندڙ سياسي پارٽيون سياست جي ميدان مان فارغ ٿي وينديون. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته هن ڀيري بجيٽ ۾ انهن امير شهرين خلاف سخت فيصلا ڪيا ويا آهن جيڪي ٽيڪس چور آهن،. انهن ٽيڪس چورن جي ڊيٽا اسان حاصل ڪري ورتي آهي انهن کي قانون جي شڪنجي ۾ آڻيندا سين. هن چيو ته اڄ بجيٽ اجلاس مڪمل ٿيڻ وارو آهي، ان ڏينهن بجيٽ تجويزون ڏيڻ بجاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. شوڪت ترين جي تقرير هن ڀيري مونکي ڪجهه مختلف لڳي، سندس تقرير جذباتي هئي، ايئن پئي لڳو ته سندس دل ۾ عوام لاءِ ڏک ڀريو پيو آهي، پر شايد هن کي به اسان جي وزير اعظم عمران خان وانگر جذباتي تقرير ڪرڻ جو شوق پيدا ٿي ويو آهي. جڏهن ته پاڻ سڄي عمر بئنڪنگ جي پروفيشن سان لاڳاپيل رهيو آهي. مٿس تنقيد ڪندڙ چون ٿا ته شوڪت ترين جي بئنڪ هن وقت نقصان ۾ آهي، ان جي نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ هو عالمي مالياتي ادارن ذريعي پاڪستان جو ناڻي وارو وزير ٿيوآهي . بجيٽ اجلاس ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به شرڪت ڪئي ۽ ايوان ۾ هلندڙ ڪارروائي جو جائزو وٺندو رهيو. جڏهن ته اسيمبلي اچڻ کان پهرين هو اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ 8 ارب روپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ پيش ٿيو، جتي هن ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت رڙهي رهي آهي. ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءَ ناهي، حڪومت هجي ته گهر ڀيڙو ٿئي. پي ٽي آئي وارا پن سن جي حڪومت ڪري رهيا آهن.
آصف زرداري جي ان بيان جو جائزو وٺجي ته انهن ماڻهن جو موقف ته آصف زرداري جا اسٽيبلشمينٽ وارن سان واسطا سٺا ٿي ويا آهن اهو غلط ثابت ٿئي ٿو. لڳي ٿو هن وقت تائين آصف علي زرداري جا اسٽيبلشمينٽ سان واسطا بهتر ناهن ٿيا. هو واسطا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪري رهيو آهي.نئين مالي سال جي بجيٽ منظور ٿي وئي پر اهو افسوس ضرور رهندو ته بجيٽ سيشن دوران ميمبرن جو جيڪو غير سنجيده رويو سامهون آيو اهو ختم ٿيندو؟ ڇا انهي رويي تي ميمبرن خلاف عوام منجهه ڪاوڙ پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇا انهن ميمبرن کي ووٽ ڏيندڙ انهن کان سوال ڪري سگھندا ته چونڊيل نمائندي طور هنن عوام لاءِ ڇا ڪيو؟ اهي سوال جيڪڏهن چونڊيل نمائندن کان عوام نه پڇيا ته وري اهو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي ته ساڳيا ماڻهو چونڊجي ايندا ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري چوڻي جي صورتحال پيدا ٿئي.