لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ چئن ڏينهن کان ڇڪتاڻ برقرار

0
191
لاڙڪاڻو سينٽرل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ چئن ڏينهن کان ڇڪتاڻ برقرار آهي، منتقل نه ٿيندڙ قيدين جو انتظاميه خلاف احتجاج جاري رکندي ٽوٽل ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري ڇڏيو

جڏهن ته قيدين جو پنهنجي مرضي سان ٻين جيلن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو، ان حوالي سان جيل سپرنٽنڊنٽ اشفاق ڪلوڙ جو چوڻ آهي ته پهرين ۽ ٻئي ڏينهن 13 خطرناڪ قيدي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف جيلن ڏانهن منتقل ڪري چڪا آهيون

جيل سپرنٽنڊنٽ موجب وڌيڪ 19 قيدين کي انهن جي مرضي سان مختلف جيلن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، هن وقت تائين ڪُل 32  قيدي منتقل ڪري چڪا آهيون

جيل سپرنٽنڊنٽ اشفاق ڪلوڙ جو چوڻ آهي ته اڄ پاڻمرادو منتقلي جو آخري ڏينهن آهي، اعلان ڪري قيدين کي ماڙي طرف اچڻ لاءِ چيو ويندو

جيل سپرنٽنڊنٽ موجب جيڪڏهن اڄ قيدي پاڻ راضي نه ٿيا ته پوءِ آپريشن ڪري منتقلي ڪئي ويندي، جيل جون بيرڪون ڪمزور آهن جن کي قيدين نقصان ڏنو آهي، جيل خالي ڪري بيرڪن جي مرمت ڪرائي ويندي

هن چيو آهي ته مڪمل مرمت ۾ 2 کان 3 مهينا لڳي ويندا، جنهن کانپوءِ قيدين کي واپس گهرايو ويندو، اڪثر قيدي منتقل ٿيڻ چاهن ٿا جن کي 50 کان 100 انتشاري قيدي روڪي ويٺا آهن، سينٽرل جيل ۾ موجوده قيدين جو انگ 9 سئو آهي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار