ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جو انگ 35 سيڪڙو کان وڌي ويو

0
182
ڪراچي ۾ ڪورونا جي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو انگ 35 سيڪڙو کان وڌي ويو آهي، وفاقي عملدارن موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 8063 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2846 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي

وفاقي عملدارن جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 35.30 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪورونا جي نازڪ صورتحال تي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي

ياد رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا سبب مجموعي طور 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 4286 ماڻهن ۾ وبا جي تصديق ٿي جڏهن ته ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.16 سيڪڙو رهي