لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار

0
247
لاڙڪاڻو سينٽرل جيل

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، 15خطرناڪ قيدين کي مختلف جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ تان پيدا ٿيلـ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي نه اچي سگهي آهي، قيدي ٽئين ڏينهن به سراپا احتجاج آهن ته ٽوٽل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

جيل پوليس گذريل ڏينهن قيدين کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي بيرڪن ۾ وڃڻ جي وارننگ ڏيندي سرچ آپريشن  جي به ڌمڪي ڏني هئي، قيدين پاران ٽن ڏينهن کان مسلسل بجلي، پاڻي ۽ کاڌو بند ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، جڏهن ته 3ڏينهن کان جاري ڇڪتاڻ باوجود اعليٰ اختيارين نوٽيس نه ورتو آهي