سنڌ ۾ اسڪولز بند نه ٿيندا، شادي هالز، مارڪيٽس ۽ عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار

0
325

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا جي وڌندڙ شرح باوجود صوبي ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ اسڪول کليل رهندا ۽ صوبي ۾ تعليمي سرگرميون جاري رهنديون

ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ صوبي جي سمورن خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن جي سروي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ۽ ملڪ جي شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ شرح ڪراچي ۾ 35 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن جو سروي ڪيو ويندو، سروي ۾ اسپتالن جي گنجائش جو جائزو ورتو ويندو، وڏي وزير چيو ته  اسپتالن ۾ ڪيتري گنجائش آهي ۽ وڌيڪ ڪيترري ضروت آهي ٻڌايو وڃي ۽ عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪو سرڪاري آفيسر ماسڪ نه پائيندو ان تي ڏنڊ وڌو ويندو، ڏنڊ ۾ هڪ ڏينهن پگهار ڪاٽڻ جي تجويز آهي

اجلاس ۾ هي به فيصلو ڪيو ويو آهي ته شادي هالز، مارڪيٽس، عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، شادي تقريب ۾ کاڌو باڪس ۾ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته مارڪيٽس ۾ ويڪسين ٿيل ماڻهن جي داخلا جي اجازت هوندي، انتظاميه کي ويڪسينيشن ڪارڊ جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ لازمي هوندو

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس

حڪومت ويڪسينيشن مهم پوري صوبي ۾ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وڏي وزير چيو ته ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ جو نتيجو آهي، عوام سهڪار ڪندو ته هن ڪورونا لهر تي به ڪنٽرول ڪري وينداسين

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جو انگ 35 سيڪڙو کان وڌي ويو