لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ طرفان آڊيٽوريم هال ۾ سافٽ ويئر اينڊ هارڊ ويئر نمائش لڳائي وئي.شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان آن لائين شاپنگ، گراسري جي سامان جي خريداري، ايس يو سي ايل سروس، هيلٿ لنڪ، خراب ٿيل سبزي ۽ فروٽن کي تازو ڪرڻ بابت مشين سميت مختلف پراجيڪٽس جا ماڊلز نمائش لاءِ رکيا ويا. شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ٺاهيل پراجيڪٽس جي ماڊلس بابت آگاهي پڻ ڏني. ان موقعي تي پراجيڪٽس ٺاهيندڙ عاطف سمون، ارسلان احمد، عبدالفتاح اوڍو، غلام فاروق بروهي، فيصل چانڊيو، علي سجاد ابڙو، شهاب شاهاڻي، ذوالقرنين کيڙو، زبير مهيسر، وسيم علي جوڻيجو، نديم ڪلهوڙو، غلام فريد، عمران مگسي، رابيل ڀٽي، ارن ڪمار، ڪوثر النهار، آمنه، سپنا چانڊيو، جنت، فاطما محمد ۽ ٻين چيو ته جديد دور مطابق عام ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪارآمد پراجيڪٽس پيش ڪيا آهن.هنن چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اسان جي ٺاهيل پراجيڪٽس کي ملڪي توڙي بين الاقوامي مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري جيئن اسين پنهنجي شهر، قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهون.پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر شاهه چيو ته پاڪستان هڪ خوش قسمت ملڪ آهي جنهن جي اڪثريت آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي. آءِ ٽي جي برآمدات هن سال 3 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي.