نئون آباد/ڄام نوازعلي (نمائندن وٽان)  ڄام نوازعلي ڀرسان ڳوٺ درگاهه تلا شاهه ۾ باهه لڳڻ سبب خاصخيلي برادري جي ڀورو خاصخيلي ۽ الياس خاصخيلي سميت ٽن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ نه پهتي، جنهن ڪري سمورو الهه تلهه رک ٿي ويو، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.