ڦل (ن پ ا) ڦل شهر ڀرسان وهندڙ روهڙي ڪئنال جي ڦل فال ريگيوليٽر جي ٻنهي ڪپرن اين آءِ پي ۽ آءِ پي تي ٿيل اسٽون پچنگ لڙهي وڃڻ سبب ڪپرن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪپرن کي پڪو ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون ويون، جنهن ڪري پاڻي بندي ختم ٿيڻ بعد پاڻي اچڻ تي وڏي نقصان جو انديشو ٿي پيو آهي، آبپاشي عملدار چيو ته ڪپرن جي مٿين حصي مان ڪجهه پٿر ڪريا آهن، هن چيو ته روهڙي ڪينال جي ڦل فال ريگيوليٽر جي وهڪري ۾ ڪو به فرقي نه ايندو، هن چيو ته ڪپرن جي مرمتي ڪم لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکيو آهي، هتان جي رهواسين شبير احمد، بخش علي، امداد علي ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته ڦل فال ريگيوليٽر جي ٻنهي پاسن جي ڪمزور ڪپرن جو جلد مرمتي ڪم ڪرايو وڃي.