ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ضلعي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ برقرار، بدلي ڪيل 27 ڊاڪٽرن مان 21 ڄڻن سيڪريٽري جو حڪم ٿڏي ڇڏيو، 15 ڏينھن گذرڻ باوجود جوائن نه ڪيو، ڊي ايچ او پاران ليٽر لکي سيڪريٽري کي آگاھي، خبر موجب ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال، شجاع آباد، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگھڙي جي اسپتالن، رورل ھيلٿ سينٽرن، بيسڪ ھيلٿ سينٽرن ۽ 20 کان وڌيڪ ڊسپينسرين ۾ 200 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن جي کوٽ وارين دانھن کان پوءِ سيڪريٽري صحت پاران 5 جنوري تي ميرپورخاص جو ڊوميسائل رکندڙ 27 ڊاڪٽرن کي  ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر مان بدلي ڪري سندن خدمتون ڊي ايچ او ميرپورخاص حوالي ڪيون ويون ھيون، پر ڄاڻايل ڊاڪٽرن مان ھن وقت تائين رڳو 6 ڊاڪٽرن جوائن ڪيو آھي، جڏھن ته باقي 21 ڊاڪٽرن سيڪريٽري صحت جي آرڊر کي ڪا به اھميت ناھي ڏني، اھڙي صورتحال کان پوءِ ڊي ايچ او ميرپورخاص ھڪ ليٽر لکي سيڪريٽري صحت کي اطلاع ڏنو آھي ته 22 ڊاڪٽرن اڃا تائين جوائن ناھي ڪيو ۽ نه ئي ڪو اطلاع ڏنو آھي،  ڊي ايچ او پاران لکيل ليٽر موجب جن 6 ڊاڪٽرن جوائن ڪيو آھي، انھن ۾ ڊاڪٽر عمران،  ڊاڪٽر علي رضا،  ڊاڪٽر محمد عطاءُ اللھ، ڊاڪٽر مدثر علي، ڊاڪٽر مجاھد حسين ۽ ڊاڪٽر نعمان علي شامل آھن، جڏھن ته بدلي بعد جوائن نه ڪندڙ ڊاڪٽرن ۾ امتياز احمد، ڊاڪٽر چندر، ڊاڪٽر سريش، سميع الرحمان، گوتم داس، فيضان اسلم، محمد علي، نوين ڪمار، منيش ڪمار، دانش، علي گوھر خان، عمران خان مھر، وميق انجم، سلطان احمد نھڙيو، رميش ڪمار، رميش مجنون ميگھواڙ، لال چند، سميع اللھ، محب معراج، افراز احمد ۽ نوشاد احمد شامل آھن.