لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) راڌڻ ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 25 جريب زرعي زميني تان هلندڙ تڪرار جو 34 سال کانپوءِ پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد امين مينگل ۽ ظفر جتوئي جي سرپئنچيءَ ۾ مينگل هائوس لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي فتويٰ محمد صديق بروهي جاري ڪندي ٻڌايو ته فيصلو ڌرين جي مشيرن جي رضامندي سان ٿيو آهي. الطاف ۽ محمد نواز بروهي جي ڌر مٿان 3 قتل، 2 ڄڻن کي زخمي ۽ اڳرائي جو الزام ثابت ٿيڻ تي في خون جي بها 35 لک مقرر ڪندي مجموعي طور تي الطاف جي ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 30 لک ڏنڊ وڌو ويو. فيصلي موجب عبدالرزاق بروهي ڌر جي قتل ٿيل ٽن ڄڻن ايڊووڪيٽ بدرالدين، واحد بخش ۽ بهرام بروهي جي خونن جا هڪ ڪروڙ 5 لک،  زخمي عبدالمالڪ جا 5 لک، زخمي واٽهڙو جا 5 لک، ۽ اڳرائي جو الزام ثابت ٿيڻ تي 15 لک الطاف ۽ محمد نواز بروهي جي ڌر مٿان ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته ڌرين مٿان مستقبل ۾ اڳرائي ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ ڏنڊ پڻ وڌو ويو. ڌريون هڪٻئي کي تڏو بخشرائينديون جنهن کان پوءِ ئي ڏنڊ جي ادائيگي جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو. هوڏانهن اهڙي فيصلي کان پوءِ ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي ساک وٺي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، ڌرين خاطري ڪرائي ته هو مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي اڳرائي نه ڪندا ۽ علائقي ۾ محبت ۽ ڀائيچاري سان رهندا.