ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري جي علائقي آگره تاج  ۾ پوليس اهلڪار طاهر بنگش کي سندس دوست اهلڪار حماد پاران نشي جي حالت ۾ گولي هڻي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل، جوابدار اهلڪار حماد فرار، پوليس سندس ڀاءُ کي لاڪپ ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ لياري جي آگره تاج واري علائقي ۾ اهلڪار طاهر بنگش کي سندس دوست حماد نشي جي حالت ۾ گوليون هنيون، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو ، پوليس موجب مقتول کي سول اسپتال پهچائيندڙ اهلڪار حماد فرار ٿي ويو،  ذريعن موجب اهلڪار حماد ۽ مقتول طاهر وچ ۾ نشي جي حالت ۾ ڏند چڪ ٿي هئي، مقتول طاهر بنگش سعيد آباد ۽ واقعي ۾ ملوث اهلڪار حماد ملير ڪورٽ پوليس ۾ مقرر ٿيل ۽  پاڙيسري پڻ هئا، پوليس جوابدار اهلڪار حماد جي ڀاءَ کي لاڪپ ڪري ڇڏيو،