لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو جي ريشم گلي واري علائقي مان گذريل 3 اپريل تي مبينا اغوا ٿي ويل هندو ناري آرتي واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، ناري مذهب مٽائي ڪراچي واسي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ڪالهه لاڙڪاڻو پوليس ناري آرتي عرف عائشه کي بازياب ڪرائي سندس جي مڙس ڪراچي واسي محمد فواد کي سخت پوليس پهري هيٺ لاڙڪاڻي جي ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ وقار احمد جوڻيجو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي اطلاع ملڻ تي ناري جا وارث توڙي هندو پنچائت جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ عدالت پهچي ويا، جن ناري سان ملاقات ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس کين روڪي ورتو. ان دوران ناري جي وارثن، هندو برادري جي اڳواڻن ۽ پوليس وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي، ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب عدالتي هال ۾ هندو برادري جا اڳواڻ پوليس مٿان چڙي پيا جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي. اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ اضافي پوليس نفري طلب ڪري عدالت ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو، عدالت ۾ ناري بيان ڏيندي چيو ته هن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪري ڪراچي واسي محمد فواد سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي ۽ کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن ورغلايو آهي، ناري چيو ته هوءَ هاڻي والدين نه پر پنهنجي مڙس محمد فواد ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي، ناري جي اهڙي بيان بعد عدالت کيس دارلامان موڪلڻ ۽ سندس نوجوان محمد فواد کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ناري طرفان اسلام قبولي پسند جو پرڻو ڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ واري معاملي کان پوءِ لاڙڪاڻي جي هندو برادري ۽ وارثن ۾ سخت ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي. احتجاج دوران ناري جي هڪ ويجهي رشيدار هندو نوجوان پوليس مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪندي عدالتي احاطي ۾ ناري کي انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو ۽ هو ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان مخاطب ٿيندي چيو ته آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو ته اسانکي ڪهڙي اميد آهي؟ هوڏانهن ڪالهه ناري واري معاملي بابت سڄو ڏينهن ميڊيا تي اهڙيون خبرون نشر ٿيڻ توڙي سوشل ميڊيا تي مختلف وڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. مليل ڄاڻ موجب آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب سان فون ذريعي رابطو ڪري معاملي بابت بريفنگ پڻ ورتي آهي.