لاڙڪاڻو: ڀوڄ هندو پنچائت جي چيئرمين ڊاڪٽر ڌرم پال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ناري آرتي جي اغوا جي ايف آءِ آر 3 اپريل تي داخل ٿي ۽ هاڻي 9 تاريخ آهي، جيڪڏهن پوليس جو سهڪار هجي ها ته ائين نه ٿئي ها، هن چيو ته روزانو جي بنياد تي پوليس عملدار گڏجاڻيون ڪندا هئا ۽ اسان کي اِهو چيو ويندو هو ته جلد ئي آرتي کي واپس ڪرايو ويندو، پر اسان کي انڌيري ۾ رکي ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل رات به پوليس اسان سان رابطي ۾ هئي ۽ اسان کي ٻڌايو ته صبح جي وقت اوهان کي ٻڌائينداسين پر ان جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو، هن چيو ته پوليس کي سڄي معاملي جي ڄاڻ هئي پر هو اسان کي ٻڌائڻ نه پئي چاهي. هن چيو ته انتظاميا جي نااهلي آهي کين سموري ڄاڻ هئڻ باوجود هنن ڪوششون نه ورتيون، اسان کي ايترن ڏينهن ۾ غلط دلاسن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو. هن چيو ته پوليس مسلسل غلط بياني ڪندي رهي، هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ هر دور ۾ هندو برادري سان ناجائزيون ٿينديون رهيون آهن ڪڏهن اسان جي ملڪيتن تي قبضو ٿو ڪيو وڃي ته ڪڏهن اسان جي نياڻين کي اغوا ڪري زبردست مذهب مٽائي مختلف حربا هلائي پريشان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ سان اسان جي اڻٽٽ محبت آهي تڪليفن جي باوجود به اسين پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏينداسين، ناري جي پيءُ ڊاڪٽر نامو مل چيو ته پوليس اسان کي خاطري ڪرائي هئي ته هو نياڻي کي ڳولي هٿ ڪندا، پر ڪالهه اوچتو ڌيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، هن الزام لڳايو ته رات اي ايس پي سٽي اسان کي خاطري ڪرائي ته هو ڌيءَ سان ملاقات ڪرائيندا پر ظلم جي انتها ٿي وئي آهي جو پوليس ۽ ٻيا ڌيءَ کي اسان سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ به تيار ناهن، هن چيو ته نياڻي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان جو ڇا مقصد آهي؟ هي سڀ غلط آهي اسان کي انصاف گهرجي.