ڪوهاٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوهاٽ جي پهاڙي علائقي طور چپر ۾ اجتماعي قبر مان 16 لاش هٿ، جاچ شروع ڪئي وئي، دره آدم خيل جي دور افتاده علائقي طور چپر مان 16 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، سمورن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو ۽ انهن جي اجتماعي تدفين ڪئي وئي هئي. ڊي پي او ڪوهاٽ لاش ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته قتل ڪيل ماڻهن جي اجتماعي تدفين ڪئي وئي هئي، جن جي سڃاڻپ لاءِ مقامي ماڻهن سان رابطو ڪيو ويو آهي. ڊي پي او موجب 29 سيپٽمبر 2011ع ۾ شانگلا جا 16 مزدور گم ٿي ويا هئا ۽ امڪاني طور تي هي لاش انهن ئي مزدورن جا آهن پر لاشن جي باقيات جي ڊي اين اي ٽيست ڪئي ويندي ۽ ٽيسٽ جي بنياد تي حقيقتون آڏو آنديون وينديون. ٻئي پاسي ريسڪيو ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ جي علائقي تور چپر جوا ڪي ۾ ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو، جتان 16 ڄڻن جا باقي حصا هٿ ڪيا آهن، اِهي سمورا ماڻهو ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ 2011ع کان گم ٿي ويا هئا ۽ سمورن مزدورن جو تعلق شانگلا سان آهي. واضح رهي ته پهاڙ ي علائقي مان مارچ 2012ع مان 50 کان وڌيڪ لاش مليا هئا.