اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي دلاور خان جي سربراهي ۾ سينيٽ اندر قائم ٿيل آزاد ميمبرن جي گروپ ۾ فاٽا جا 2 سينيٽر هدايت الله ۽ هلال الرحمان به شامل ٿي ويا، جنهن کان پوءِ دلاور خان جي سربراهي ۾ سينيٽ اندر قائم ٿيل آزاد گروپ جي ميمبرن جو تعداد 6 ٿي ويو آهي، جن جو پارلياماني ليڊر دلاور خان آهي، ياد رهي ته دلاور خان جي سربراهي ۾ آزاد گروپ جي 4 ميمبرن توڙي فاٽا جي آزاد گروپ ۾ شامل ٿيل ٻن ميمبرن پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني جي اپوزيشن ليڊر جي عهدي لاءِ سپورٽ ڪئي هئي، جيڪا سپورٽ برقرار رهندي.