لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي

0
512

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاث ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جسٽس باقر نجي جي قيادت ۾ لاهور جي ٽي رڪني بينچ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست گڏيل طور تي منظور ڪئي، شهباز شريف جي ضمانت واري فيصلي بعد عدالت ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي ليگي اڳواڻ راثا ثناءَ الله چيو آهي ته لارجر بينچ اسان جي بيگناهي جي شاهدي ڏني آهي، سليڪٽڊ حڪمران ملڪ ۾ صرف انتقام ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، هنن قوم جا 3 سال ضايع ڇو ڪيا، هنن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، راثا ثناءَ الله چيو آهي ته ٽن سالن ۾ ملڪ جي معيشت بدنام ٿي ۽ صرف انتقام جي سياست ڪئي وئي، اڄ انتقام جي سياست زمين ۾ دٻجي وئي، ڪٺ پتلي سيليڪٽڊ حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان اڳتي وڌندو. ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ صاف، شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سمورن مسئلن جو واحد حل فري فيئر اليڪشن آهي ۽ عوام جي ووٽ سان حڪومت ٺهي..