اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪڻ جو تياريون ڪري ورتيون، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله  عمران خان کي پاڳل قرار ڏيندي چيو آهي ته ساڻس ڳالهيون نه ٿينديون، ڊي چوڪ آيو ته ڌوئي ڇڏينداسين، لانگ مارچ جي مدد ڪندڙ صوبن خلاف به ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي،  پي ٽي آءِ پاران ڇنڇر کان تحريڪ شروع ڪندي هلندڙ مهيني ئي لاهور کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت  اسلام آباد تي ڪاهه روڪڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن، حڪومت ريڊ زون ۽ ڊي چوڪ بند ڪري ڇڏيا، ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا، ذريعن موجب مظاهرين جو رستو روڪڻ لاءِ کڏا به کوٽيا ويندا، اسلام آباد پوليس صوبن مان پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جا 30 هزار اهلڪار به گهري ورتا آهن، ايف سي جا 3 هزار اهلڪار اسلام آباد پهچي ويا، اضافي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ شيل اڇلائيندڙ ڊرونز به گهرايا ويندا، ترجمان اسلام آباد پوليس چيو ته ڪجهه ماڻهن پنهنجا سياسي مطالبا مڃرائڻ لاءِ پنجاب کان وفاق جو رُخ ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. هوڏانهن اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته رياست جي گادي واري شهر تي چڙهائي لاءِ جيڪو صوبو لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندو، ان خلاف ڪارروائي جو اختيار آئين وفاقي کي ڏئي ٿو. هيومن ٽريفيڪنگ سيمينار بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي، هن غير قانوني حرڪت ڪئي، اهڙو نالائق پٽ هجي ته ماءُ پيءُ به پيار ناهن ڪندا، هي همراهه سڄي قوم ۽ نوجوان نسل کي نفرت سيکاري رهيو آهي، عمران خان 26 ڪروڙ رُپين جو فراڊ ڪيو، سونا قلم چوريائين، جيڪڏهن شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جي اڪائونٽن جي چاج پڙتال ڪئي وڃي ته ان ۾ به عمران خان چور ثابت ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان توهين عدالت ڪئي آهي جيڪا ثابت ٿي چڪي آهي، هاڻي جيڪڏهن هو معافي گهرندو ته ڇا توهين عدالت ختم ٿي ويندي؟ وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان جيڪا لعنت ڪمائي آهي ان مان ڪڏهن به نه بچي سگهندو، هن قوم جو پنجاهه ارب ٻوڙيو، القادر ٽرسٽ جي نالي تي پنج ارب رُپيا ورتائين. سندس چوڻ هو ته چرئي ۽ بيوقوف شخص سان ڪنهن به قسم جو ڳالهيون نٿيو ٿي سگهن، جنهن سندس حمايت ڪئي هئي اڄ اهي به پڇتائي رهيا آهن، عمران خان جي شر کان ڪير به محفوظ ناهي، جيڪڏهن اڃا به قوم نه سمجهو ته اهو اهڙي قسم جو چريو آهي جهڙو جرمني ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن جي چريائپ جي سبب قوم  پنجاهه سال غلاميءَ ۾ گذاري ڇڏيا. هن چيو ته احتجاج عمران خان جو آئيني حق آهي اهو ايف نائن پارڪ ۾ احتجاج ڪري، ڊي چوڪ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڌوئي ڇڏينداسين، هن چيو ته عمران خان جو بندوبست ڪرڻ ضروري آهي. رانا ثناءُالله چيو ته جيڪي صوبائي حڪومتون ملڪ جي گادي واري شهر تي چڙهائي واري لانگ مارچ جو حصو ٿينديون اهي آئين جي خلاف ورزي ڪنديون، جنهن جا نتيجا نڪرندا، آئين وفاقي حڪومت کي ان حوالي سان اختيار ڏئي ٿو، جيڪي اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ مان وفاقي ڪابينا کي سفارش پيش ڪندس، هن چيو ته هن وقت اسلام آباد جا داخلي رستا هارين جَي احتجاج سبب بند ڪيا ويا آهن.