نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي صدر بائيڊن چيو آهي ته پاڪستان جو وڏو حصو پاڻي هيٺ آهي، پاڪستان کي دنيا جي امداد جي ضرورت آهي، زمين کي ماحولياتي تباهي کان بچائڻ لاءِ گرين انرجي پلان اپنائڻو پوندو، روس بي شرمي سان يوڪرين تي حملو ڪيو، کيس قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اولهه کي ايٽمي حملي جي ڌمڪي ڏئي پيوٽن غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر بائيڊن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي قيمت انسانن کي ادا ڪرڻي پوي ٿي، پاڪستان جو وڏو حصو پاڻي هيٺ آهي، پاڪستان کي دنيا جي مدد جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا تاريخ جي سڀ کان وڏي پيڪيج جو اعلان ڪيو، زمين کي ماحولياتي تباهي کان بچائڻ لاءِ گرين انرجي پلان اپنائڻو پوندو. آمريڪي صدر بائيڊن يوڪرين جنگ تي ڳالهائيندي چيو ته يوڪرين جنگ هڪ شخص جي جنگ آهي، روس بي شرمي سان گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪئي، روس کي يوڪرين جنگ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، هن چيو ته آمريڪا اتحادين سان گڏجي روسي جنگ جي قيمت ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آمريڪا اتحادين سان گڏجي 40 ارب ڊالر وقف ڪيا، يوڪرين کي هرخودمختيار قوم وانگر هر حق حاصل آهي، اوهان طاقت جي زور تي ڪنهن ملڪ تي قبضو نٿا ڪري سگهو، آمريڪا يوڪرين جي ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته  پيوٽن جي دعويٰ آهي ته روس کي خطرو هو پر روس کي ڪوبه خطرو نه هو، روس، يوڪرين جنگ سبب دنيا ۾ مهانگائي وڌي سگهي، روس تي خوراڪ ۽ ڀاڻ درآمد ڪرڻ تي پابندي ناهي، روس جي جنگ سبب عالمي سطح تي خوراڪ جي کوٽ جو خطرو آهي، گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کي امن چارٽر تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، صدر بائيڊن مطالبو ڪندي چيو ته روس يوڪرين خلاف جارحيت ختم ڪري، ڪالهه به روسي صدر پيوٽن يورپ تي ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، پيوٽن جو بيان غيرذميواراڻو آهي،  صدر بائيڊن چيو ته آمريڪا پنهنجي سرزمين ۽ دنيا ۾ جمهوريت جي دفاع جي عزم تي قائم آهي، آمريڪا اسرائيلي جي سلامتي لاءِ پرعزم آهي، ايران کي ايٽمي هٿيارن جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، جمهوريت جي واڌ ويجهه لاءِ جي سيون ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ توسيع جو حامي آهيان. چين جي حوالي سان بائيڊن جو چوڻ هو ته آمريڪا تائيوان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، آمريڪا چين سان ڪوبه تڪرار يا جنگ نه ٿو چاهي.