نيويارڪ (م ڊ) وزيراعظم عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ بحران کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جون جنرل اسيمبلي اجلاس جي سائيڊ لائين تي شهبازشريف جون آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ ماحوليات بابت خاص نمائندي جان ڪيري سان ملاقاتون، آمريڪا پاران امداد جي خاطري، ماحولياتي خطرن جي مقابلي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم شهبازشريف آمريڪي صدر جي ماحوليات بابت خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تي گفتگو ڪئي، جان ڪيري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته آمريڪا هن وقت تائين ساڍا 5 ڪروڙ ڊالرز جي امداد ڏني آهي، موسمياتي بحران سان مقابلو ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ سانحن کان بچڻ لاءِ فوري طور گڏيل قدمن جي ضرورت آهي، منهنجون همدرديون متاثر پاڪستاني قوم سان گڏ آهن، آمريڪا انفرا اسٽريڪچر جي ٻيهر تعمير لاءِ پاڪستان سان تعاون لاءِ تيار آهي، وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثرن لاءِ آمريڪي امداد تي سندس ٿورو مڃيو ۽ عالمي برادري تي مسلسل مدد تي زور ڀريو، آمريڪي پرڏيهي انتوني بلنڪن وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي، اطلاعات وزارت موجب وزيراعظم شهبازشريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن جنرل اسيمبلي ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻوڏ سان ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثرن سان همدردي ڏيکاري، ان موقعي تي وزيراعظم کي آمريڪي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته آمريڪا هن ڏکئي گهڙي ۾ پاڪستان سان گڏ آهي ۽ هر ممڪن تعاون ڪندو. وزيراعظم شهبازشريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جورجيوا سان به ملاقات ڪئي، ڪرسٽالينا پاڪستان م ٻوڏ بحران تي افسوس جو اظهار ڪيو، جيور جيوا ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته آءِ ايم ايف موجوده پروگرام تحت پاڪستان سان تعاون جاري رکندو ته جيئن پاڪستان جي عوام جي درد ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي. شهبازشريف عالمي بينڪ جي صدر ڊيوڊ ميلپاس سان به مليو ۽ کيس پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيل بحران کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم شهبازشريف ٻين اڳواڻن سان ملاقات کانسواءِ آمريڪي صدر بائيڊن جي آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ٻوڏ جون تباهيون دنيا آڏو آهن، ٻوڏ صورتحال بابت جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ٻارڙا غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ٻارڙن جي خوراڪ کي وڌ کان وڌڪ گڏ ڪري عطئي طور تي ڏني وڃي، هن وقت پاڪستان وڏي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي. ان کان اڳ ٽوئٽر بيان ۾ شهباز شريف چيو هو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي تباهي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو، اهو به ٻڌايو ته پاڪستان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ڀائيواري جو خواهشمند آهي.