لاهور(م ڊ) ملتان جي نشتر اسپتال ۾ لاوارث لاشن جي بيحرمتي واري واقعي ۾ غفلت ڪندڙ اناٽومي شعبي جي سربراهه مريم اشرف، ايس ايچ اوز سميت 8 ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير اجلاس بعد پروفيسر ڊاڪٽر مريم اشرف، ڊاڪٽر عبدالوهاب ۽ ڊاڪٽر سيرت عباس کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ نشتر يونيورسٽي جي ملازمن غلام عباس، محمد سجاد ناصر ۽ عبدالرئون کي به معطل ڪيو ويو. شاهه رڪن عالم ڪالوني ٿاڻي جي ايس ايچ او عمرفاروق ۽ سيتل ماڙي جي سعيد سيال کي به معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير غفلت ڪندڙن خلاف پيڊا ايڪٽ تحت به ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ لاشن سان اهڙو سلوڪ نه قبول نه آهي هن واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.