گهوٽڪي (رپورٽر) اڳوڻو نگران صوبائي وزير محمد سردار خان گهوٽو دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو، گذريل ڏينهن دل جي تڪليف بعد کيس گهوٽڪيءَ جي نجي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. سردار خان گهوٽو پرويز مشرف دور ۾ گهوٽڪيءَ جو تعلقي ناظم به ٿي رهيو. سياست ۾ اچڻ بعد شروع کان آخر تائين علي گوهر ۽ راجا خان مهر جو ٻانهن ٻيلي بڻيو رهيو. سردار خان گهوٽو جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سوڳ ۾ خان ڳوٺ اسٽاپ ۽ گهنڃا پل ۾ ڪاروبار بند رهيو. مرحوم جي جنازي نماز اڱاري تي (اڄ) صبح ڏهين وڳي ادا ڪئي ويندي.