پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان اغوا ٿي ويل نوجوان بازياب، سکر پوليس پاران نوجوان کي ڪچي ۾ جاري آپريشن دوران باحفاظت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ. خبر موجب پنوعاقل مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان سيف الله جسڪاڻيءَ کي بازياب ڪرايو ويو آهي. سکر پوليس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ پنوعاقل جي ڪچي ۾ آپريشن جاري هو، جنهن دوران نوجوان کي ڏوهارين جي چنبي مان باحفاظت بازياب ڪرايو ويو آھي. هوڏانهن نوجوان جي بازيابي جو ٻڌي سندس وارث ۽ دوست ايس ايس پي سکر آفيس پهتا.