لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ کي ميري ليبون ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي سي) اعزازي لائف ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. قومي ٽيم جي اڳوني آل رائونڊر کي هن جي شاندار ڪيريئر جي اعتراف ۾ اهڙو اعزاز ڏنو ويو آهي، حفيظ 2003ع کان وٺي 2021ع تائين پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. محمد حفيظ ايم سي سي لائف ميمبر بڻجڻ وارو 25 هون پاڪستاني آهي، پاڪستان جي 23 اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ 2 نان پليئنگ شخصيتون ايم سي سي جون اعزازي لائف ميمبر آهن. آخري ڀيرو انضمام الهق کي 2019ع ۾ ايم سي سي جو اعزازي لائيف ميمبر مقرر ڪيو ويو هو.