ڪڙيو گهنور(اسپورٽس نيوز) ڪڙيو گهنور لڳ خاصخيلي آئل فيلڊ ۾ مرحوم ڪامريڊ مٺو مهيري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جا دلچسپ  مقابلا جاري آهي. پهرين ميچ ۾ جوش اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 90 رنز ٺاهي نونداڻي اليون کي کٽڻ لاءِ 91رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ نونداڻي اليون 75 رنز ٺاهي سگهي. اهڙي طرح جوش اليون گولاڙچي 16 رنز تان ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏھن ته ٻئي پري ڪوارٽر ۾ جنت السنڌ  اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 106 رنسون ٺاهي چانڊيا   اليون کي کٽڻ لاءِ 107 رنز جو هدف ڏنو، جواب ۾ چانڊيا   اليون  86  رنسن تي ڍير ٿي وئي. اهڙي طرح جنت السنڌ اليون 21 رنز تان مئچ پنهنجي نالي ڪئي. بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي رياض نظاماڻي کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.