اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آڊيو ليڪس جي جاچ ۽ سپريم ڪورٽ کي رڪارڊ فراهم ڪرڻ بابت قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين اسلم ڀوتاڻي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾  گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي جا عملدار شريڪ ٿيا، گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي جي بريفنگ سبب اجلاس شروع ٿيندي ئي اِن ڪئمرا ڪيو ويو، ذريعن مطابق وفاقي جاچ اداري پاران نجم ثاقب جي آڊيو جي فرانزڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي، ذريعن مطابق رپورٽ ۾ نجم ثاقب جي آواز جي تصديق ڪئي وئي آهي، خصوصي ڪاميٽي پاران قومي اسيمبلي جو رڪارڊ سپريم ڪورٽ کي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي چيئرمين اسلم ڀوتاڻي چيو آهي ته ڪاميٽي قومي اسيمبلي رڪارڊ بابت فيصلو اسپيڪر کي موڪلي رهي آهي، رڪارڊ بابت وزارت قانون کان راءِ طلب ڪئي جنهن جي روشني  ۾اهو فيصلو ڪيو ويو، رڪارڊ بابت ايوان ۾ جيڪا راءِ قائم ٿي اسان به ان راءِ جو احترام ڪنداسين، ان ڪئمرا اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاميٽي چيئرمين اسلم ڀوتاڻي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب، ابوذر چڍڙ، ميان عزيز کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، ٽئي ڄڻا 31 مئي تي ڪاميٽي ۾ موقف پيش ڪري سگهن ٿا، ڪاميٽي چيئرمين ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ کي رڪارڊ جي فراهمي بابت مامري جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، ڪاميٽي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي قومي اسيمبلي جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، اسلم ڀوتاڻي چيو ته قومي اسيمبلي جي رڪارڊ بابت جيڪا راءِ قومي اسيمبلي ۾ جڙي هئي اسان به ان ئي راءِ جو احترام ڪيون ٿا.