اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گرفتاري کان بچي ويل پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ اسلام آباد پوليس پاران گهرو وزارت کي باقاعده درخواست ڏني وئي آهي، اسلام آباد پوليس پاران جن پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي انهن ۾ راجا خرم نواز، اخلاق اعواڻ، علي اعواڻ، ملڪ حسنين ۽ ملڪ عامر علي جا نالا شامل آهن، پوليس جو موقف آهي ته خدشو آهي ته ملزم گرفتاري کان بچڻ لاءِ ملڪ مان فرار ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري ملزمن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪيو وڃي، ذريعن مطابق ملزمن جي خلاف اسلام آباد جي کنه ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.