ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميئرن، ڊپٽي ميئرن، ضلعي، ميونسپل ۽ ٽائون چيئرمينن جي چونڊ 15 جون تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، 5 ميونسپل ڪارپوريشنن، 22 ضلعي ڪائونسلن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين جا ميمبر ئي ميئرن، ڊپٽي ميئرن، چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي چونڊ ڪندا،پڌرائي موجب ميئرن، ڊپٽي ميئرن، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نامزدگي ڪاغذ 9 کان 10 جون تائين جمع ڪرايا ويندا، انهن نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 11 جون تي ٿيندي، جڏهن ته  اپيلون 12 جون تائين داخل ڪري سگهبيون، ٽربيونل 13 جون تائين اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندو، نامزدگي ڪاغذ 14 جون تائين واپس وٺي سگهجن ٿا،  ميئرن، ڊپٽي ميئرن، چيئرمينن ۽  وائيس چيئرمينن جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي.