قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ بد امني ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف جي يو آءِ ۽ پ پ ش ڀ پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جميعت علماءِ اسلام طرفان ڊي سي آفيس اڳيان حافظ عزير جاگيراڻي، نظير احمد تنيو، پيارل پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، پ پ ش ڀ پاران شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ، وقار شابراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانيهندي چيو ته ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سياسي سفارش عيوض پوليس آفيسر مقرر هئڻ ڪري بدامني ۾ اضافو اچي ويو آھي، شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن، جنهن سبب غيرمحفوظ آهيون، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته صفائي نه ٿيڻ سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ ڪنو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي پر شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن نه ٿي ٻڌي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي.