دادو ( رپورٽر ) ڊسٽرڪٽ هاء وي جي انجنيئر پاران دادو تعلقي جون 26 ، اسڪيمون ايس ڊي او دادو بجاء ايس ڊي او جوهي حوالي ڪرڻ واري عمل خلاف ايس ڊي او هاء وي آفيس جي ملازمن پاران قلم ڇڏ هڙتال ڪرڻ کانپوء رفيق احمد پنهور ، حسين شاھ ، مظهر ڀنڊ ۽ علي حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي هاء وي انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سندس آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ، جنهن کانپوء هاء وي ملازمن انجنيئر آفيس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو آهي ۽ دانهيو آهي ته ڊسٽرڪٽ هاء وي انجنيئر ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي دادو تعلقي جون 26 ، اسڪيمون ايس ڊي او جوهي کي وڏي ڪميشن عيوض وڪرو ڪري ڏنا آهن ، هنن چتاء ڏنو آهي ايس ڊي او جوهي حوالي ڪيل اسڪيمون واپس ايس ڊي او دادو حوالي ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هو انجنيئر خلاف سخت احتجاج ڪرڻ سان عدالت ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪندا