پنوعاقل (ن پ ا ) پنوعاقل جي تعلقي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ مختلف علائقن کان سکڻ لاءِ آيل نوجوانن کي رکيو ويو آھي، جيڪي مريضن جي زندگين سان کيڏي رھيا آھن، جڏھن ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر اڪثر شفٽ جي ٽائيم اسپتال مان غائب رھندا آھن، گذريل ڏينهن پڻ ايمرجنسي وارڊ جو ڊيوٽي ڊاڪٽر صبح اٺين بجي کان 12 بجي تائين ايمرجنسي وارڊ مان گم رھيو، جنھن ڪري آيل مريضن عورتن توڙي مردن کي اتي موجود سيکڙاٽ نوجوان چيڪ اپ ڪندا رھيا ، ڊيوٽي تان غائب ڊاڪٽر جي غيرموجودگي تي اسپتال انتظاميا موقف اختيار ڪندي چيو آھي ته ڊيوٽي ڊاڪٽر اتي ئي اسپتال جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ موجود ھوندو جڏھن ته چئن ڪلاڪن تائين ڊاڪٽر غائب رھيو ، ٽائيم نيوز تي ڊاڪٽر جي غيرموجودگي واري خبر ھلڻ کانپوءِ ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ اسپتال انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جنھن کانپوءِ انتظاميا ان وقت ئي رابطو ڪري ڊاڪٽر کي گھرائي ورتو ، جڏھن ته ڊاڪٽر جي ڊيوٽي تان غائب واري مامري تي ڊي ايچ او سکر ڊاڪٽر جميل مھر عجيب موقف اختيار ڪندي چيو ته سکر ضلعي ۾ ڊاڪٽرن جي ڪمي آھي تنھن ڪري ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر نه ھوندو واضح رھي ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر جي ڊيوٽي لڳائي وئي ھئي جيڪو شفٽ جي ٽائيم تي وارڊ مان گم ھو خبرون ھلڻ بعد ڊيوٽي ڊاڪٽر اسپتال پھتو ھو .