قمبر ڀرسان بااثر طرفان پورهيت جي نياڻي کي کنڀڻ جي ڪوشش

0
285

قمبر (ن پ ا) قمبر جي ڳوٺ ڀولا ڪلھوڙا ۾ بااثر ڳوٺاڻي طرفان پورهيت جي نياڻي کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش بااثر خلاف متاثر ڳوٺاڻي جو گهر واري، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ معصوم ٻارڙن سميت ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي اختيار ڪلھوڙو سندس زال مسمات نورجهان صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات ڳوٺ جو بااثر معشوق خاصخيلي ھٿيار بند ساڻ ڪري زبردستي گهر ۾ گهڙي اسان جي 14 سالن جي نياڻي ساديه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دانهون ڪرڻ تي سخت تشدد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هنن دانهيندي ٻڌايو ته جوابدار 6 مھينا اڳ اسان جي نوجوان نياڻي شاھده کي اغوا ڪري سعيد خاصخيلي سان زبردستي نڪاح ڪرائي ڇڏيو، اھڙي واقعي جو ڪيس حد جي پکو ٿاڻي تي جوابدار سعيد خاصخيلي ۽ معشوق مٿان داخل ٿيل آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي ۽ جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.