گهوٽڪي ۾ قتل ڪيل آدم گهوٽو جو قتل ڪيس 7 ڄڻن تي داخل

0
309

گھوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي ۾ 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل آدم گهوٽو جو قتل ڪيس 6 ڄاتل ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار مٿان داخل ڪيو ويو آهي، مقتول آدم گهوٽو جو قتل ڪيس سندس پٽ مختيار احمد گهوٽو جي فرياد تي ماڻڪ ڀيري، مهراب ڀيري، عارف ڀيري، علي نواز ڀيري، عبدالله ڀيري، رحمدل ڀيري ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار مٿان گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي مختيار احمد گهوٽو موقف اختيار ڪيو آهي ته هن جي والد آدم گهوٽو کي ڀيري برادري جي جوابدارن پراڻي هلندڙ دشمني تان قتل ڪيو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.