خانپور جا 4 مغوي بازياب نه ٿيا، احتجاجي ريلي

0
235

خانپور (ن پ ا) خانپور جا 4 مغوي نوجوان عمران گولو، واجد سيٺار، عابد گولو ۽ اسامه سيٺار ھفتو گذرڻ جي باوجود بازياب نه ٿي سگھيا، شھر جي سياسي اڳواڻن ۽ مغوين جي وارثن جي وڏي انگ ۾ عيد گاھ کان پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي خانپور جا ٻچڙا بازياب ڪرايو خانپور ۾ امن ڪرايو جي نعريبازي ڪئي، هننچيو آهي ته پوليس مغوين کي ھفتو ٿي ويو آهي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ڪرائي سگهي، ھر روز آسرا ڏيئي پئي.