ميھڙ واسي پاران وياجين کان تنگ ٿي آپگهات جي ڪوشش

0
372

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ شھر جي منصور ڪالوني جي رھواسي ميونسپل ڪميٽي جي سوئپر 5 ٻارڙن جي پيءُ سرائي جاويد شيخ پاران وياجين کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي وارثن پاران بيھوشي واري حالت ۾ علاج لاءِ تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتي کيس فوري طور تي طبي امداد ڏيئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، سرائي جاويد شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام هنيو ته ميونسپل ڪميٽي ميھڙ جي سينيٽري انسپيڪٽر منظور جانوري مون کي 3 سال اڳ چائنا موٽر سائيڪل وياج تي 80 ھزار روپين ۾ ڏني ھئي جنھن جي عيوض ھن منھنجا چيڪ بوڪ پاڻ وٽ گروي رکيا ھئا، جنھن جا مون کس ھن وقت تائين 2 لک روپين کان وڌيڪ پئسا ڏئي چڪو آھيان، پوءِ جان نٿو ڇڏي.