قصو بي اختيار حڪمران جو

0
170
دهشتگردن جي نشاني تي آيل حڪمران جماعتون

 پنجاب مان وفاقي وزير داخلا رانا ثناالله کي گرفتار ڪرڻ جا سمن نڪتل آھن لاهوري جوان اسلام آباد جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا پر رانا ثناالله گرفتار نه ٿي سگهيو، ان جي ابتڙ رانا صاحب چئي ٿو ته بس عمران خان صرف لانگ مارچ جي ڏينهن جو اعلان ڪري اهڙو ته ڪم ڪندس جو دنيا ڏسندي رهجي ويندي کيس ابتو ٽنگيو ويندو. هاڻي ڏسجي ته عمران خان ڪڏهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ٿو پر ان کان اڳ جلسن ۾ ورتل قسم نامن مان ايئن محسوس ٿئي ٿو هن دفعي روڊن رستن تي ٻئي ڌريون وڏي تياري سان نڪري اينديون. عمران خان خاص طور شيخ رشيد جي بيانن مان ايئن لڳي ٿو ته جيستائين گڙٻڙ نه ٿيندي تيستائين کين دلي سڪون نه ملندو. هاڻي واري لانگ مارچ کي ماڊل ٽائون پارٽ ٽو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پرامن احتجاج سڀني جو حق آھي پر اڳواڻن جي روين ۽ تقريرن مان ايئن محسوس ٿئي ٿو وري ڪي لال جذبات ۾ اچي پنهنجي رت سان ڌرتي رڱيندا ڪي ڪونڌر قرباني جو ٻڪرو ٿيندا ڪي جهوليون اجڙي وينديون ڪي ونيون بيواهي جي زندگي جو عذاب سڄي ڄمار لاءِ سهڻ لاءِ تياريون پيون ڪن ڪي ٻچا يتيمي جو داغ کڻي زندگي بسر ته نه ڪندا؟

 هاڻي به وقت ناهي ويو صبر ۽ برداشت ڪري انا کي هڪ طرف رکي ملڪي مفادن کي آڏو رکندي بهتر فيصلا ڪيا وڃن ته ڪهڙي اربع خطا ٿيندي؟ ڇهھ مهينا اڳ يا پوءِ اليڪشن ٿي ته ڪهڙيون کير جون نديون وهڻ بند ٿي وينديون؟

عمران خان جي لانگ مارچ کي ڏسندي مون کي هڪ قصو ياد اچي ٿو“ ٿيو ايئن جو هڪ دڪاندار صبح جو جيئن ئي دڪان کوليندو هو هڪ همراهه سندس دڪان تي اچي وڏي رعب سان چوندو هو ماچس ڏي نه ته۔۔۔۔۔ دڪاندار نه ته۔۔۔ وارو اڌ جملو ٻڌي ماچس کڻي سندس هٿ تي ڏيندو هو ۽ همراهه سگريٽ دکائي هليو ويندو هو آھستي آھستي سندس فرمائشون وڌنديون ويون روز ماچس سان گڏ نئين شيءَ کڻي ويندو هو. هڪ ڏينهن دڪاندار به پڪو واعدو ڪيو ته جيڪڏهن اڄ همراهه آيو ته هن سان ٻه پاڻي ضرور ڪبا سو جئين دڪاندار دڪان کوليو تئين هيراڪ همراهه آيو ۽ چيائين ماچس ڏي نه ته…. اڃا همراهه جملو پورو ئي مس ڪيو ته دڪاندار يڪدم وراڻيو نه ته اڙي تون ڇا ڪندين؟ همراهه معصوميت سان جواب ڏنو ادا مان ڇا ڪندس تنهنجو دڪان آھي تنهنجي ماچس آھي تون راز جو راڻو آھين ماچس ڏئين يا نه ڏئين. دڪاندار چيو اها ته مون کي خبر آھي پر “نه ته ”واري پنهنجي ڳالھه ٻڌاءِ تون ڇا ڪندين؟ همراهه جواب ڏنو ادا  “نه ته” جو ڪو وڏو مطلب ناهي جيڪڏهن توهان ماچس نه ڏيندؤ ته مان هليو ويندس. سو هاڻي عمران خان وارو لانگ مارچ به ڪٿي “نه ته” واري ڌمڪي ته ناهي؟

نظريو انسان جي سڃاڻپ آھي. نظريو انسان کي امر ڪري ڇڏي ٿو. نظريي سان قومن جون تقديرون تبديل ٿينديون آھن.عمران خان جي هاڻوڪي بي اختياري واري بيان کان پوءِ خان صاحب جي چاهيندڙن کي سوچڻ گهرجي ته خان جيڪو تبديلي ۽ احتساب جو نظريو کڻي ميدان تي لٿو هو اهو سڀ ڍونگ ۽ ڏيکاءَ ھو سندس اصل مقصد اقتدار جي ڪرسي تي ويهي دنيا کي ڏيکارڻو هو ته اقتداري طاقت جون واڳون سندس هٿ ۾ آھن. وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهڻ سندس خواب هو جيڪو پورو ٿيو. خان صاحب جو اصل سياسي نظريو ته ڌرڻي وارن ڏينهن کان ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو ھو. مون کي ڪجهھ وقت لاءِ ايئن پئي لڳو ته ملڪ ۾ هڪ نئين سياسي قوت ميدان ۾ اچي وئي آھي هن قوت جي اچڻ کان پوءِ عوام جو ڀلو ٿيڻ شروع ٿي ويندو. ترقياتي ڪم بغير ڪنهن فرق جي ٿيندا نوڪريون رشوت ۽ سفارش کان بغير ملڻ شروع ٿي وينديون انصاف جو ڳاٽ اوچو ٿيندو انتقامي سياست بدران حقيقي احتساب ڪيو ويندو ملڪ جي لٽيل دولت ملڪ ۾ واپس اچڻ شروع ٿي ويندي سفارش ڪلچر جو انت اچي ويندو. لوٽن جي سياست جوسج لهڻ لڳندو پر مون کي حيرانگي ان ويل شروع ٿي جڏهن خان صاحب امپائر جي آڱرکڄڻ جي ڳالھه ڪئي ان وقت ذھن جا تاڪ کلي ويا ۽ سمجهي ويس ته همراهه پنهنجي امپائر سان ميدان تي لٿل آھي سياسي پچ تي نوبالز تي به وڪيٽون ڪرڻ لڳنديون ته ٿرڊ امپائر کان پڇڻ بغير به مخالف رانديگر رن آئوٽ ٿيڻ لڳندا. راند جواهو تماشو اڳتي ملڪ ۽ قوم جي بدنامي جو سبب ٿيندو ۽ ها ٿيو به ايئن جو هاڻي جيڪي ڳالهيون آڊيو ويڊيو ليڪس وسيلي ٻاهر اچن پيون يا وري خان صاحب جي تقريرن ٻڌڻ کان پوءِ جنهن انداز سان سياست جي بدنامي ٿئي ٿي اها ڳالهھ ڪنهن کان ڳجهي ناهي.

عمران خان خلاف جڏهن به گهيرو تنگ ٿيندو آھي تڏهن ڪو نه ڪو اهڙو بيان ڏيئي وجهندو آھي جنهن سان سياسي طور وڏي هلچل مچي ويندي آھي. ڪجھه ڏينهن اڳ خان صاحب اعتراف ڪيو ته ظاهري طور تي اقتدار جي ڪرسي ته هو ويٺل ته هو پر طاقت جو اصل سرچشمو ٻي ڪا طاقت هئي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ چار سال تائين خان صاحب بي اختيار وزيراعظم طور ڪرسي سان ڇو چنبڙيل رهيو؟ سندس دور ۾ جيڪي به ڪم ٿيا ڇا انهن ڪمن سان سندس ڪو تعلق ناهي ؟ احتساب جي نالي تي جيڪا قومي دولت خرچ ڪئي وئي جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي گرفتاريون ڪيون ويون يا وري فرح گوگي ذلفي بخاري شھزاد اڪبر ۽ شھباز گل کي اختيار حاصل هئا اهي ڪنهن ڏنا؟ ڇا هر ڪم انهن طاقتور ڌرين طرفان ڪيا ويندا هئا ؟ داخلي ۽ خارجي پاليسيون به انهن طاقتور ڌرين طرفان ٺاهيون وينديون هيون؟

 سچ ڳالهائڻ جو به هڪ وقت هوندو آھي جيڪڏهن سچ وقت تي نه ڳالهايو وڃي يا وري اڌ سچ بيان ڪجي ته اهو به ڪوڙ لڳندو آھي. سو هن وقت اختيار نه ملڻ جي ڳالھه ڪري خان صاحب ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڇو ته اهو ساڳيو ئي خان صاحب هو جيڪو چوندو هو ايم ڪيو ايم وارا نفيس ماڻھو آھن هاڻي گورنر سنڌ ٽيسوري کيس قاتل لڳي ٿو. ساڳيو جنرل قمر جاويد باجوه هڪ جمهوريت پسند جنرل لڳندو هو هاڻي اهو ساڳيو جنرل مير جعفر ۽ مير صادق لڳي ٿو. ساڳيو جنرل صاحب هر موڙ تي کيس مدد فراهم ڪندو هاڻي ساڳئي ماڻھو کيس گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. برساتن آفتن ڪورونا دور ۾ ساڳي فوج بي لوث ڪم ڪندي حڪومت جي مدد ڪئي پر هاڻي ساڳي فوج خلاف سندس حواري دل کولي ڳالهائن ٿا. سياست ۾ ادارن جي مداخلت کيس خراب لڳندي هئي هاڻي ادارن جو نيوٽرل رهڻ کيس ڇو نه ٿو وڻي ؟ پيڪا آرڊيننس آڻي ادارن خلاف ڳالهائڻ وارن کي قانوني ڪوڙڪي ۾ ڦاسائڻ جو بندوبست ڪيو هو هاڻي سندس پوئلڳن کي ادارن جو وقار ڇو وسري ويو آھي؟ ساڳئي ايف آءِ اي جيڪا خان صاحب جي مخالفن کي پڪڙي جيلن ۾ وجهندي هئي تڏهن اهو عمل صحيح هو ھاڻي جڏهن سندس ساٿين جو گهيرو تنگ ٿيو آھي تڏهن کيس ياد آيو آھي ته انهن جي حوالاتن ۾ ڪنهن کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڪٽيو به ويندو آھي؟

گرفتاريون اڳ به ٿينديون رهيون آھن ماڻھن کي کنڀي گم به ڪيو ويندو هو. ادارن تي الزام بازي به ٿيندي رهي آھي پر ڪنهن به متاثر ڌر ۾ ايتري جرئت نه هئي جو انهن ادارن تي ايڏا وڏا اخلاق کان ڪريل الزام هڻن. جيڪي شھباز گل جي معاملي تي خان صاحب ادارن مٿان هنيا هئا يا وري اعظم سواتي پنهنجي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو الزام هنيا. جڏهن ته اعظم سواتي جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ تشدد جو ذڪر ناهي. ڇا اعظم سواتي پاڻ کي مظلوم ڄاڻائي هيرو ٿيڻ ۽ ڪارڪنن کي جوش ڏيارڻ جي ڪوشش ته نه ٿو ڪري؟ بهرحال هڪ ڳالھه ته ثابت ٿي وئي آھي خان صاحب يا اڳ ڪوڙ ڳالهائي قوم کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا وري هاڻي ڪوڙ ڳالهائي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ٻنهي صورتن ۾ خان صاحب صادق ۽ امين ناهي رهيو، باقي فيصلا تاريخ پاڻ ڪندي.

[email protected]