ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي باقي ميچن لاءِ ابوظهبي پهتل رانديگر قرنطينا ۾ آهن ۽ سندن ٻاهر چرپر تي پابندي آهي. رانديگر اهو ڏکيو وقت ورزش ڪري گذاري رهيا آهن ائين هو پاڻ کي ميچ لاءِ به فٽ رکي رهيا آهن ته وري بوريت کان به بچي رهيا آهن. پشاور زلمي جي اوپنر امام الحق انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا وڊيو ڪال جو اسڪرين شاٽ آهي جنهن ۾ امام الحق، وهاب رياض، عماد وسيم، بابر اعظم ۽ شعيب ملڪ موجود آهن. امام الحق لکيو ته هڪٻئي کي ويجهو هجڻ باوجود اسان هڪ ٻئي کان تمام گهڻو پري آهيون، اسان مان ڪيئي ته هڪ ئي فلور تي موجود آهن پر هڪٻئي سان ملاقات نه پيا ڪري سگهن، اسان پاڻ کي وڊيو ڪالز وسيلي وندرائي رهيا آهيون ته جيئن توهان کي گرائونڊ ۾ وندرائي سگهون. ٻئي طرف ڪراچي ڪنگز جو رانديگر بابر اعظم به انسٽاگرام تي اچي ويو آهي جنهن هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو ورڪ آئوٽ ڪندي نظر اچي ٿو.