اڪري چودڳي (ن پ ا) فيض تعلقي جي ملهه ايسوسيئشن جي صدر رياض خاصخيلي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڏيڍ سال کان ڪورونا وائرس سبب ملاکڙا بند ٿيڻ ڪري بيروزگار ٿي ويا آهيون، ميلا لڳندا هئا يا وري ثقافتي سرگرميون ورسيون وغيرھ ملهائبيون هيون ته ملھه وڙهي پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هئاسين پر ڪورونا وائرس ڪري درگاهن تي لڳندڙ ميلا بند ٿيڻ سبب ملهه مقابلا نه ٿي رهيا آهن جنهن سبب ملهه پهلوان بيروزگاري سبب تمام گهڻو ڏکيو وقت گذاري رهيا آهن. هن اپيل ڪئي ته فوري طور تي ميلا ملاکڙا بحال ڪرايا وڃن يا وري ملهه پهلوانن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي،