ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) قانون واري کاتي ماستري لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 800اميدوارن کي شڪي ڊوميسائل جاري ڪندڙ روينيو عملي خلاف ڪارروائي جي هدايت ،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 800 شڪي ڊوميسائيل وارن اميدوارن جون نوڪريون خطري ۾ پئجي ويون آهن. قانون واري کاتي طرفان بدين، دادو، جيڪب آباد، حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو، عمرڪوٽ، شڪارپور، مٽياري، ڪشمور، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته صوبي ۾ 800 شڪي ڊوميسائيل جاري ڪندڙ روينيو عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي طرف تعليم کاتي پاران  ڊي سيز جي جعلي ڊوميسائلن جي  تصديق ڪرڻ کان اڳ 800 اميدوارن کي پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ اي جي سنڌ ڏانهن خط لکيو ويو هو، جنهن تي اي جي سنڌ پاران اعتراض واريو ويو. ڪالهه قانون واري کاتي به 800 اميدوارن جي ڀرتين واري عمل ۾ مداخلت شروع ڪري ڇڏي آهي، قانون واري کاتي پاران مختلف ضلعن جي ڊي سيز کي خط لکي سفارش ڪئي وئي آهي ته شڪي ڊوميسائيل ٺاهيندڙ عملي  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.