ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ درخواستگذار ڪولڊ ڊرنڪ ڪمپني جي مينيجر خلاف ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، 20 هزار ڏنڊ،ان ڏس ۾ ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ايسٽ ۾ شهري نعيم خان ڪولڊ ڊرنڪ ڪمپني جي مينيجر خلاف 10لک هرجاڻي جي درخواست داخل ڪرائي هئي، سندس چوڻ هو ته 6 رمضان المبارڪ تي حليم جي دڪان تان ڪولڊ ڊرنڪ خريد ڪئي، گهر پهچي بوتل ڏٺي ته انهي ۾ مک پيل هئي، آئون بوتل کولڻ کانسواءِ دڪاندار وٽ ويس پر دڪاندار منهنجي هڪ به نه ٻڌي، هن چيو ته ڪولڊ ڊرنڪ ڪمپني کي 10 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ٻڌڻي دوران ڪولڊ ڊرنڪ ڪمپني  جي مينيجر اهڙن الزامن کي رد ڪندي درخواستگذار کي بليڪ ميلر قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت  دليل ٻڌڻ بعد شهري کي ڪمپني جي ساک خراب ڪرڻ تي 15 هزار ۽ دڪاندار کي 5 هزار رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.