اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  قومي اسيمبلي ۾ 1991ع جي پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم نه ڪرڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو، پاڻي مامرن بابت پارلياماني سيڪريٽري ذوالفقار علي چيو ته هڪ اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ سيڪريٽري سميت سڀني آفيسرن کان بريفنگ ورتي وڃي، سنڌ زرعي صوبو آهي ۽ پاڻي جو مسئلو به موجود آهي، پ پ جي ميمبر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته سنڌ صوبي سان پاڻي ورهاست ۾ زيادتي ٿي رهي آهي، تربيلا ڊيم ۾ به پاڻي جي سطح گهٽ آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي مامرو لاڳاپيل ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏيو  ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس 26 اپريل شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.