قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو 12 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ڳوٺ پير فارم واسي 28 سالن جي  الھداد چانڊيو جو اڃا تائين ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، ان حوالي سان نوجوان جي وارثن پاران هرکجي اغوا ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آھي، گم ٿي ويل نوجوان جي والد فتح محمد چانڊيو ٻڌايو ته سندس پٽ 12 ڏينهن اڳ گھران اهو چئي نڪتو ته هو گھمڻ وڃي رهيو آهي، جنهن بعد واپس ناهي آيو، هن چيو ته پٽ ڪافي عرصي کان موبائل فون تي مسلسل ڪنهن سان ڳالھه ٻولھه ڪندو هو، هوڏانهن نوجوان جي گمشدگي بابت پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آھي، پوليس موجب نوجوان جي 12 ڏينهن اڳ قاضي احمد ڀرسان ڏيٿا ھوٽل وٽ موبائل فون جي لوڪيشن ملي آهي، جنهن بعد سندس فون مسلسل بند ملي رهيو آھي،