ڪراچي (م ڊ) موسم بدلجي وئي، بجلي پن منصوبن لاءِ پاڻي اچي ويو پر بجلي جي بحران تي ضابطو نه اچي سگهيو،  نيلم جهلم منصوبو ۽ گڊو پاور پلانٽ بند هجڻ سبب بجلي جو شارٽ فال 6 هزار ميگاواٽ برقرار آهي، بجلي جي پيداوار 22 هزار ۽ طلب 28 هزار ميگاواٽ آهي، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جيئن جو تئين جاري آهي.