قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد شھر جي حاجي فاضل شاهه بخاري جي قبرستان ۾ اڻڄاتل ماڻھو تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش اڇلائي فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي ٻارڙي جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي رورل هيلٿ سينٽر اسپتال قاضي احمد منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ايڌي جي رضاڪارن معصوم ٻارڙي جو لاش ڪفن دفن ڏيڻ بعد دفنائي ڇڏيو.