قاضي احمد (ن پ ا) مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سڪرنڊ شگرمل مان جبري طور برطرف ٿيل مزدورن جو پريس ڪلب قاضي احمد اڳيان احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي مزدورن محمد الياس مري، غلام قادر ڪيريو، معشوق چانڊيو، دلدار زرداري، غلام حيدر انڙ، محمد جمن ڏاهري ۽ ادريس ڪنڀر صحافين آڏو دانھيندي چيو ته سڪرنڊ شگرمل انتطاميا مزدور دشمن آفيسر آهن جن گذريل ٽن سالن کان اسان کي شگرمل مان ٻاهر ڪڍي اسان جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون آهن، اسان جا ٻچا فاقاڪشي تي مجبور آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان انتظاميا جي ان ظالماڻي رويي خلاف ليبر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي پر اتي به نڪي جج صاحب ٿو اچي نه وري مل انتظاميا ٿي پھچي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي نوڪري ۾ بحال ڪرائي پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت م اسان سڪرنڊ شگرمل جي گيٽ آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين.